
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ *باسمہ* *تعالي* ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
*انتهائي ڏک ۽ افسوس جي خبر*
*کُلُّ نَفۡسٍ ذَآئِقَۃُ الۡمَوۡتِ*
*ھر ساھواري شيءِ کي موت جو مزو چکڻو آھي۔ (القرآن ) ۽ موت زندگي جي حقيقت آھي۔*
*سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي چيئرمين، محترم محمد صالح ناريجو صاحب* جن جا چاچا، *محترم واحد بخش ناريجو* صاحب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
*إِنَّا لِلّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ*
مرحوم محمد اسماعيل، مرحوم محمد اسحاق، مرحوم ربنواز، مرحوم نعمت الله ۽ مرحوم هادي بخش جن جا ڀاءُ هئا.
*سوڳوارن* ۾ پٽ پرويز علي ۽ سميع الله شامل آهن، جڏهن ته ڀائيٽن ۾ سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جا *مرڪزي چيئرمين محترم محمد صالح ناريجو صاحب*، يو سي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي صدر اظهر نعمت الله، مهراڻ خان، الله بخش، نديم علي ۽ يوٿ ونگ رتوديرو جي صدر محمد حليم پڻ شامل آهن.
*نمازِ جنازه:* مرحوم جي نماز جنازه 🕖 اڄ شام 7:30 وڳي ، بتاريخ 22 جولائي 2026ء تي ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو نئون ديرو لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته تعزيت لاءِ تڏو پڻ ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو ۾ وڇايو ويو آهي. ان شاء الله۔
سڀني ڀائرن , دوستن ۽ احبابن کي جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ مرحوم لاءِ مغفرت جي دعا جي گذارش آهي۔
هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ *محترم محمد صالح ناريجو صاحب* ۽ سموري سوڳوار خاندان سان
مرڪزي اڳواڻ ۽ پوري ناريجا برادري سندن سڄي خاندان , ٻين مٽن مائٽن ، عزيزن قريبن ۽ سندن تمام پونئيئرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي۔
الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته مرحوم واحد بخش ناريجو صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندس قبر کي نور سان ڀري ڇڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.
آمين يا رب العالمين۔
*پاران :_*
*عبدالرب ناريجو مرڪزي پريس سيڪريٽري** *سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن (رجسٽرڊ) ميڊيا آفيس سنو مرڪزي سيڪريٽريٽ ڪراچي ۔*
0 Comments