ناريجا برادري - سياسي محرومي ۽ سنو جو ڪردار - تجزيو چيئرمين سنو*

Date: 03-01-2025
پھريون حصو

اڄ ڪلھ سوشل ميڊيا ۽ گڏجاڻين ۾ ناريجا  برادري طرفان اھو بحث عام جام ھلي رھيو آھي ته ناريجا برادري سياسي ۽ سماجي طور اڪيلو ڪري سندن سان زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون جنھنڪري ناريجا برادري کي احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو ويو آھي اچو ته انجو جائزو وٺون .

سنڌ جي قديم ۽ سماٽ برادرين مان ناريجا برادري ب ھڪ آھي جيڪا لکن جي تعداد ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر رھائش پذير آھي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب جنگناما جي حسين چارڻ جي شاعري مطابق ناريجن ٽيھ پيڙيون آمري کان قنڌار تائين حڪمراني ڪئي آھي ۽ 1843ع ۾ انگريزن ۽ سنڌ جي مير حڪمرانن وچ ۾ حيدرآباد جي علائقي مياڻي جي ڀر ۾ جيڪا جنگ لڳي انھي جنگ ۾ ناريجا وڏي بھادري سان انگريزن سان وڙھيا ۽ شھادتون ڏنيون جنھنڪري ان جنگ کي دٻي جي جنگ سان گڏ ناريجن واري جنگ پڻ چيو ويندو آھي.

پاڪستان جي آزادي کان وٺي اڄ تائين معنا ستتر 77 سالن ۾ ڪو ب ناريجو ڪنھن ب سياسي پارٽي ۾ نڪي MPA نڪو MNA ٿي سگھيو آھي ۽ ن وري ڪنھن حڪمران پارٽي پاران ڪنھن وڏي عھدي تي مقرر ڪيو ويو آھي جيڪا ھڪ وڏي برادري سان ناانصافي ۽ زيادتي آھي ڇاڪاڻ ت ناريجا برادري لکن جي تعداد ۾ ووٽ رکندڙ برادري آھي سنڌ ۾ 75 کان 80 سيڪڙو ناريجا پيپلز پارٽي سان وابسطا آھن 15 کان 20 سيڪڙو ناريجا فنڪشنل ليگ ۽ 5 سيڪڙو ٻين پارٽين سان وابسطا آھن ان جو ناريجا برادري کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ت تاريخي طور پنھنجو شاندار رڪارڊ رکندڙ کان ڪٿي ڪوتائي ٿي رھي آھي جنھنڪري ناريجا برادري کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.

 مون ذاتي طورتحقيق ۽ مشاھدو ڪيو ان مان ناريجا برادري جي اڀرندڙ سياسي شخصيتن جو جائزو ورتو ت فقط ھڪ MLA ايم ايل اي خانصاحب غلام قادر ناريجو صاحب سانگھڙ وارو 1955 ۾ ٿيو جيڪو پڻ ان اسيمبلي جو حصو ٿيو جيڪا نان اليڪٽيڊ ھئي ان کي تسليم ن ڪيو ويو.

انھن 77 سالن ۾ ڪجھ ناريجا برادري جا سياسي ڪردار آيا پر ناڪام ويا جن جو تفصيل منھنجي ناريجا برادري جي تاريخ جي ڪتاب ۾ ھوندو ھتي صرف مخصوص شخصيتين کي بيان ڪجي ٿو پر انھن ۾ جنھن متحرڪ ڪردار ادا ڪيو اھا ھڪ سياسي شخصيت محترم ڪامريڊ حسين بخش ناريجو صاحب آھي جيڪو ھڪ بھادر ۽ زبردست ليڊر ٿي اڀريو پر مسلسل کاٻي ڌر ۾ رھڻ ڪري اڳتي وڌي ن سگھيو ۽ ناڪام رھيو حالانڪ سندن کي موقعا سٺا مليا پر ان وقت صحيح سياسي فيصلا ن ڪرڻ ڪري سياسي ڪيرئير اڳتي وڌي ن سگھيو جڏھن ت سنڌ جي مقبول ترين پارٽي جي اڳواڻ شھيد محترما بينظير ڀٽو صاحبا موقعو ڏنو پر ڪامريڊ صاحب جلدي پيپلز پارٽي ڇڏي ڏني جنھن سان ڪامريڊ صاحب سياسي طور ڪمزور ٿيو ان کان پو۽ مان جڏھن دبي ۾ شھيد محترما بينظير صاحبا جو پرسنل سيڪريٽري ھيس انھن ڏينھن ۾ ڪامريڊ حسين بخش صاحب منھنجي والد صاحب مرحوم حاجي محمد اسحاق ناريجو وٽ نئونديري ۾  بيمار ٿيڻ ڪري عيادت ڪرڻ آيو ان وقت بابا سائين سان گڏ ويٺل ڪامريڊ حسين بخش صاحب دبي مون سان ڳالھايو ۽ ٻيھر پيپلز پارٽي ۾ شموليت لا۽ چيو جنھن ڪري آئون شھيد محترما بينظير ڀٽو صاحبا سان ڪامريڊ صاحب جي PPP ۾ شموليت باري ۾ ڳالھايو ۽ ھدايتون ورتيون جنھن مطابق ڪامريڊ صاحب کي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ صوبي سنڌ جي پيپلز پارٽي جي قيادت ذريعي باقاعدي رجوح ڪرڻو ھو باقي شھيد محترما بينظير صاحبا منظوري ڏئي ڇڏي ھئي ۽ ڪامريڊ صاحب کي آگائي ڏني وئي
 بدقسمتي سان ڪامريڊ صاحب کان ھڪ غلطي ٿي وئي جو شھيد محترما سان منظوري کان پو۽ محترما لنڊن رواني ٿي وئي ۽ ان ھفتي ۾  ڪامريڊ صاحب دبي ۽ لنڊن جي آفيشل اي ميلس تي اي ميلس موڪليون ۽ ان ۾ لکيو ت بينظير صاحبا چاھي ٿي ت ڪامريڊ صاحب پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿئي لنڊن دبي کان وقت ۾ چار ڪلاڪ پوئتي آھي انڪري بينظير صاحبا کان پھريان صبح جو مون اھا اي ميل پڙھي جنھنڪري ڪافي ڏک ٿيو ۽ بينظير صاحبا جي پڇاڻي جو انتظار ڪرڻ لڳس ۽ جيئين ئي بينظير صاحبا اي ميل پڙھي مون کان پڇاڻي جي اي ميل اچي وئي ۽ مان پنھنجي صفائي پيش ڪئي جيڪا محترما قبول ڪئي پر ڪامريڊ صاحب ھڪ غلط بياني جي ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان رھجي ويو ڇاڪاڻ ت ڪامريڊ صاحب پاڻ پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ پئي چاھئي نڪي بينظير صاحبا جي خواھش ھئي ن ت اڄ سندن جي پوزيشن ڪا بھتر ھجي ھان ۽ ناريجا برادري جي MPA ۽ MNA يا وزير جي خواھش ضرور پوري ٿئي ھان حالانڪ ڪامريڊ صاحب ان معيار مطابق ب ھيو جيڪا ڪامريڊ صاحب سان گڏ ناريجا برادري جي بدقسمتي پڻ آھي.

ان کان سوا۽ لاڙ جي ھڪ ناريجو سياسي شخصيت (في الحال نالو ظاھر نٿو ڪيو وڃي) کي مون شھيد محترما بينظير ڀٽو وٽ متعارف ڪرايو جنھن کان اڳ ۾ سندن لا۽ شھيد بينظير صاحبا وٽ سٺو تاثر ن پئي رکيو ۽ اھي غلط فھميون دور ڪري اڳتي آندو پر بدقسمتي سان اھا ناريجو سياسي شخصيت ڪجھ غلطين جي ڪري جيڪو سياسي مقام حاصل ڪرڻو ھو ن ڪري سگھيو ۽ پنھنجي سياسي پوزيشن ڪمزور ڪري ڇڏي جڏھن ت ھن وٽ سياسي طور نڪرڻ جا سٺا موقعا ھئا.

ناريجا برادري جي پنھنجي انھن ڪوتائين سان گڏ ٻيا ب گھڻا مسئلا آھن جيڪي آھن:

 *سڀ کان پھرياين ناريجا برادري سنڌ جي ڏھن وڏين برادرين ۾ شمار سمجھي ويندي آھي ان سان گڏ ھڪ بھادر ڪمينٽي طور مڃرايو آھي انڪري لوڪل سياسي جادوگرن پوليس ۽ ناريجا برادري اندر ڪجھ مفاد پرست شخصن جي مدد سان ناريجا برادري کي مختلف مسلن ۾ ڌڪي ۽ ھيساي ان کي ڪمزور ڪيو ويو آھي جنھن مان ھڪ وڏو مسلو قبيلاي جيھڙا پڻ آھي جنھنڪري ناريجن کي انھن جيھڙن ۾ مصروف ڪري انھن مان پيسا ب ڪمايا ويندا آھن ۽ سياسي طور ڪمزور ب ڪيو ويندو آھي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڌاڙيل قرار ڏياري سياسي ۽ سماجي طور ناريجن کي ڌاڙيل پيش ڪري پارٽي اڳواڻن اڳيان انھن جي پوزيشن کي ڪمزور ڪيو ويندو آھي جنھنڪري ڪا ب سياسي جماعت ناريجي کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان گريز ڪندي آھي حالانڪ سياسي اڳواڻن کي ان پاليسي کي رد ڪرڻ گھرجي* 

ناريجا برادري سنڌ جي تمام وڏين برادرين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ تقريبن 7 کان 8 لک ووٽ آھن پر بدقسمتي سان سياسي پارٽين جي چالبازين ۽ ناريجا برادري جي ناقص حڪمت عملي ھجڻ ڪري سياسي پارٽين ۾ نڪي اھم عھدا, MPA, MNA يا وزير ۽ مشير جون اھم زميواريون وٺڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي جنھنڪري سياسي مشڪلاتن جو شڪار آھي ان ۾ خاص طور تي چند مفاد پرست شخصيتين پنھنجي ذاتي مفادن خاطر جلد بازي ۾ ناريجا برادري کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سوا۽ سياسي فيصلا ڪري ناريجا برادري جي انفرادي مفادن کي ڪاپاري نقصان پھچايو آھي ۽ جنھنڪري سياسي چالبازن پنھنجي اٽڪلن سان ناريجن کي پاڻ ۾ ويڙھائي ۽ نفاق پيدا ڪري سياسي يتيم ڪري ڇڏيو آھي ۽ ناريجا برداري جي پيسن ۽ ٻين وسائيلن تي قابض ٿي سياست ۽ عيش ڪري رھيا آھن ۽ ناريجا برادري ھش ۾ خوش آھي جيڪو تمام ھڪ افسوسناڪ عمل آھي.
 
 *ناريجا برادري جي وڏين شخصيتن جي لاتعلقي* 

اھا ھڪ افسوسناڪ حقيقت آھي ته ناريجو وڏو ماڻھو جيئن آفيسر, وڏيرو, ڊاڪٽر, ,انجينئر, وڪيل, واپاري ۽ ٻيون اھم ناريجا شخصيتون جامح ناريجا برداري جي فلاح لا۽ پري آھن ۽ ناريجا برداري کي پنھنجو ڪرڻ لا۽ تيار ناھن جنھنڪري ناريجا برادري ٻين جي درن تي ڀٽڪي ڀوتارن جي جادوگري جي ور چڙھي رھي آھي جنھنڪري ناريجا برادري اندر پنھنجن وڏين شخصيتن لا۽ تاثر ڪو خاص ناھي۽ انھن کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو.

 *حسد, ساڙ, نفاق ۽ اندورني جھڳڙا* 

ناريجا برداري اندر ھڪ عنصر پاڻ۾ حسد ۽ ساڙ پڻ آھي جنھنڪري ھڪ ٻئي کي ڪنھن ن ڪنھن طريقي سان نقصان پھچايو وڃي ٿو جنھن سان اندروني جھيڙا ٿين ٿا ۽ پاڻ ۾ نفاق رھي ٿو جنھنجو ھڪ وڏو نقصان ناريجا برادري کي جامع طور ٿئي ٿو. سوشل ميڊيا تي بغير ڪنھن ثبوت يا منطق جي شريف ماڻھن جي ڪردار ڪشي ۽ الزام تراشي ڪري ذھني تڪسين وٺڻ لا۽ غير ذميوارنا رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو جنھن سان پڻ ناريجا برادري جو ئي نقصان ٿي رھيو آھي ۽ سياسي پوزيشن ڪمزور ٿي رھي آھي.

 *سماجي ڪمزوري* 

ڪجھ ڌارين عناصرن ۽ ناريجا برادري جي ڪجھ غير زميوار شخصن جي ڪجھ عملن جي ڪري پوري ناريجا برادري جي لا۽ سوچي سمجھي سازشون ڪري سماجي طور ڪمزور ڪيو ويو آھي ۽ قبائيلي جھيڙن ۾ داخل ڪري شديد نقصان پھچايو آھي. درحقيقت ناريجا برادري ھڪ فرض شناس ۽ وفادار برادري آھي پر ڪجھ ناڪاري ڪردارن جي ڪري سماج ۾ غلط تاثر جڙڻ ڪري سماج اندر شڪي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو جنھن سان اعتماد جي کوٽ ٿئي ٿي.

 *ڪمزور سوچ ۽ تعليم* 

ناريجا برادري ماضي ۾ تعليم تي گھٽ توجھ ڏيڻ ڪري ذھني طور تي روشن سوچ جي فقدان ڪري ترقي کان پري آھي ۽ انڪري ناريجا برادري جي جامع ترقي کان ڪن لاٽار آھي ۽ ڇڙوڇڙ جو شڪار آھي. انڪري سياسي ڀوتارن, ميرن ۽ پيرن وٽ يرغمال ۽ غلام آھي جنھنڪري سياسي جادوگر پنھنجي جادوگري ڏيکاري انھن کي پنھنجي مفادن ۾ استعمال ڪري انھن جو حق تلفي ڪندا آھن.

اھڙي ريت ڪافي ٻيا ب ننڍا وڏا  ڪافي مسئلا آھن جيڪي ناريجا برداري جي سياسي مستقبل ۾ رڪاوٽون وجھن ٿا.

 *نيٺ ڇا ڪجي؟* 

ناريجا برادري جا بنيادي مسئلا آھن روزگار, تعليم, صحت, امن, ترقياتي ڪم, پوليس جو آزار.  وغيرھ جيڪي ڪنھن ھنڌ تائين سياسي طور حل ڪري سگھجن ٿا جنھن لا۽ سياسي مظبوط ٿيڻ ضروري آھي. 

ناريجا برادري جي لا۽ خوشقسمتي آھي جو ان وٽ
 *ســـــــنــــــــڌ نـــاريـــجـــا ويــلـفيـــئـــر آرگنـائيزيشن (سنو)* جھڙو مظبوط پليٽفارم موجود آھي جنھن ذريعي پنھـجا سڀ مسئلا آرام ۽ خوش اصلوبي سان حل ڪري سگھجن ٿا ان لا۽ ھيٺ ڪجھ تجويزون ڏجن ٿيون:

1. ناريجا برادري کي سڀ کان پھريائين پاڻ ۾ سڀ اختلاف ختم ڪري ٻڌي ۽ اتحاد ڪرڻ گھرجي ۽ پاڻ ۾ مشاورت ڪري فيصلا ڪرڻ گھرجن.

2. سياست ھڪ مشڪل فيلڊ آھي ان جا سياسي فيصلا جامع صلاح ۽ مشوري سان ڪرڻ گھرجن. ھن وقت ناريجا برادري کي سياسي پارٽين سان ن ڦٽائڻ گھرجي جيڪو جنھن ب پارٽي سان وابسطا آھي ان سان رھڻ گھرجي.

3. سنو پنھنجي ليڊرشپ تيار ڪري رھي آھي جن جي سياسي ۽ سماجي طور تربيت ٿي رھي آھي جيڪا ناريجا برادري جي مشاورت سان سياسي پارٽين سان ڳالھائي ناريجا برداري جي سياسي احساس محرومي ختم ڪري سگھجي ٿي. انشاءاللّه ڏھن سالن اندر سنو MPA ۽ MNA ۽ وزير و مشير ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندي.

3. ناريجا برادري کي تعليم طرف وڌڻ گھرجي ۽ سنو جي محنت سان ھن وقت ناريجا برادري ۾ واضح تبديلي اچي چڪي آھي وڌيڪ نوجوانن کي سنو جي يوٿ فورم سان رابطو ڪرڻ گھرجي اميد ڪجي ٿي ايندڙ سالن ۾ ڪافي نوجوان روزگار سان گڏ آفيسر پڻ ٿي ويندا ۽ آفيسر پڻ سياسي طور ڪافي مددگار ٿي سگھن ٿا.

4. ناريجا برادري سان پوليس جو وڏو آزار آھي ان لا۽ ناريجا برادري جا وڪيل سنو ايڊووڪيٽ فورم جو حصو بڻجي ناريجا برادري لا۽ شاندار خدمت ڪري سگھجي ٿي اھي ناريجا وڪيل سياست ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

6. ناريجابرادري جي وڏن ماڻھن جيئن آفيسرن, وڏيرن, ڊاڪٽرن, ,انجينئرن, وڪين, واپارين ۽ ٻين اھم ناريجا شخصيتين کي جامح ناريجا برداري جي فلاح لا۽ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جنھن سان سياسي سگھ ۾ اضافو ٿيندو.

7. ناريجا برادري کي پنھجن علائقن جي ٻين برادري سان سٺا تعلقات رکڻا پوندا ۽ انھن جي سماجي ڪمن ۾ پڻ مدد ڪرڻي پوندي انھن جي اعتماد بحال ڪرڻ لا۽ انھن کي پنھنجو ڪرڻو پوندو ۽ انھن جي مسلن ۾ عملي طور خدمتون سرانجام ڏيڻيون پونديون ۽ انھن لا۽ آسانيون پيدا ڪرڻيون پونديون. 

8. ناريجا برادري کي واپار ۽ انڊسٽريز طرف متوج ٿيڻ گھرجي ۽ سنو جي بزنس ۽ ڪامرس مان فيضياب ٿيڻ گھرجي ۽ ڪامرس ۽ انڊسٽريز جي انجمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي جن کان ڪافي سياسي مدد ملي سگھي ٿي جن جو سياست ۾ اھم ڪردار ھوندو آھي.

 *ناريجا برادري جي انھن سڀني مسئلن جو واحد حل سنو آھي ۽ سنو جي مظبوطي ناريجا برادري جي مظبوطي آھي ان لا۽ ناريجا برادري کي سنو کي مظبوط ڪرڻو پوندو.* 

 الله رب العزت کان دعا آهي ته  اللّه پاڪ اسان سڀني تي رحم فرمائي ۽ اسان کي  توفيق عطا فرمائي ته جيئن اسان ڪنھن انسان جي مدد ڪري سگھون۔  آمين ثم آمين يا رب العٰالم

ٻيو حصو

خيرپور ميرس ۾ ناريجا برادري جو وڏو ووٽ بينڪ آهي پر سياسي جادوگرن جي مفادن ۾ ڪجهه ناريجن جي ڪردارن جي سھڪار سان غلط ھٿن ۾ استعمال ٿي رھيو آهي جنهنجو قصوروار ناريجا برادري پاڻ آهي جيڪي غلط ڪردارن جو ساٿ ڏين ٿا.

سنو ھڪ وسيع ۽ جامع پروگرام ڏيندڙ ناريجا برادري جي بقا ۽ ترقي جو ادارو آهي ان کي ناريجا برادري جو تعاون نه ھجڻ جي برابر آهي اگر ناريجو ڀاء اھو سوچي سنو ۾ ايندو ته سنو مان مون کي فائدو ڇا ملندو؟ ۽  فائدو نه ملڻ جي صورت ۾ پنهنجي وفاداري ڇڏي ڏيندو ته پو۽ ناريجا برادري جو جامع فائدو ڪيئن ٿيندو؟ ھر ناريجو اگر اھو سوچي سنو ۾ شامل ٿيندو ته ھن جي ٿوري حصيداري سان سنو وڌندو ۽ ان سان ناريجا برادري جي ترقي ٿيندي ته پو۽ يقينن ناريجا برادري ڪاميابي کي به چمندي.

خيرپور ميرس ۾ ناريجي جي نعري تي اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪڏهن به ناريجا برادري پنھنجا MPA ۽ MNA نٿي چونڊرائي سگهي صرف سياسي پارٽين سان دشمني کڻي پوري ناريجا برادري کي ڪاپاري ڌڪ ھڻائي سگھندي جيڪو وڏو سياسي نقصان ھوندو. سنو ھڪ منظم ادارو آهي ان تان ليڊرشپ تيار ڪري ۽ انھن جي سياسي تربيت سان سگھ پيدا ڪري سياسي پارٽين سان مشاورت ڪري MPA, MNA ۽ مشير مقرر ڪرائي سگھجي ٿو جيڪا سنو ۾ واضع صلاحيت آهي باقي نه ته ڪھاڻي ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آهي.

خيرپورميرس جو ناريجو ظلمن تي دانهن ته ڪري ٿو پر ان ظلم خلاف سنو جي فورم تي اچڻ لا۽ تيار ناهي ۽ نڪي ساٿ ڏئي ٿو پو۽ ظالم اوھان تي ظلم نه ڪندو ته پو۽ ڪلھي تي کڻندو؟ ان ظالم کي خبر آهي ته ناريجا ول وانگر آهن انهن کي لتاڙيو ۽ مزا وٺو باقي وڻ ٿيڻ لا۽ ڪو تيار ناهي!

19 سالن کان خيرپورميرس جي ناريجن کي سنو ۾ ڪم ڪرڻ جي تبليخ ڪئي وئي آهي پر باڊين ۾ ڪم ڪرڻ لا۽ ڪو تيار ناهي اھا سياسي قدم کڻڻ تي ڪيترو ثابت قدم ٿيندي؟ ان جو جواب زيرو ۾ آھي.

خيرپور ميرس جا ناريجا پنهنجي وفا سنو سان ارپين ۽ سنو جو حصو بڻجن ۽ وقت جو تعين ۽ انتظار ڪن سنو سندن خوابن کي سونڀيان ڪندي. انشاءاللّه


Post a Comment

0 Comments

Close Menu
Breaking News